ديوان دوست

ديوان دوست (ڪتاب): هي ديوان مرزا دوست محمد بيگ ’دوست‘ جي سنڌي ۽ فارسي غزلن جو مجموعو آهي. ديوان دوست ۾ مرزا صاحب جا سنڌي غزل ۽ چند فارسي غزل موجود آهن، جن جو تعداد تقريباً هڪ سئو ٿيندو. غزل رديفن مطابق الف- ب ترتيبوار رکيل آهن. هن غزلن ۾ طلسم حسن، عشق جي رازن ۽ رمزن کي بيان ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي اندر جي احساس ۽ ان سان واسطو رکندڙ ڪيفيتن کي سحر انگيز انداز ۾ بيان ڪيو آهي. ديوان دوست مرزا دوست محمد بيگ جي پوٽي اختر مرزا وٽ موجود آهي.


لفظ ديوان دوستھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو